# جو (blogs) — RSS Amplifier

Recent posts from the 1 feeds in the RSS Amplifier directory that cover جو.

Page: <https://rssamplifier.com/topics/%D8%AC%D9%88/blogs>  
Feed: <https://rssamplifier.com/topics/%D8%AC%D9%88/blogs.md>

---

## [ڪرينا ڪپور جي حمل جا افواهه، خاندان جي وضاحت](https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/post/81322)

_2026-08-22 · ويب ڊيسڪ · وائيس آف سنڌ_

ممبئي: ڀارتي ميڊيا موجب تازو ئي ڪرينا ڪپور جي جم ٻاهران ٺهيل هڪ وڊيو وائرل ٿي، جنهن کانپوءِ مداحن پاران سندس ٽئين حمل بابت قياس آرائيون شروع ٿي ويون. ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪرينا ۽ سندس مڙس، اداڪار سيف علي خان، تازو ئي پنهنجن ٻارن تيمور ۽ جهانگير سان گڏ سمنڊ ڪناري \[…\]

## [خان کي اسپتال منتقل نه ڪرڻ خلاف توهين عدالت درخواست داخل](https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/post/81319)

_2026-08-22 · ويب ڊيسڪ · وائيس آف سنڌ_

اسلام آباد:پاڪستان تحريڪ انصاف پارٽي جي باني چيئرمين عمران خان جي اسپتال منتقلي تي حڪومت خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي،پي ٽي آءِ پاران سلمان اڪرم راجا ۽ عزير ڀنڊاري پاران داخل ڪيل درخواست ۾ سپريم ڪورٽ جي 18 آگسٽ 2026 جي حڪم جي مبينا خلاف ورزي تي توهين عدالت جي ڪارروائي شروع \[…\]

## [جو روٽ جو وڌيڪ ڪيچز پڪرڻ جو عالمي رڪارڊ](https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/post/81316)

_2026-08-22 · ويب ڊيسڪ · وائيس آف سنڌ_

ليڊز : انگلينڊ جي اسٽار بيٽر جو روٽ ٽيسٽ ڪريڪٽ جي تاريخ ۾ بطور فيلڊر (وڪٽ ڪيپر کان علاوه) سڀ کان وڌيڪ ڪيچ وٺڻ جو آسٽريليا جي اسٽيو اسٽينڊ جو عالمي رڪارڊ توڙي ڇڏيو آهي. روٽ هيڊنگلي ۾ پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ دوران ايلس آرچر جي بال تي اذان اويس جو تيز رفتار ڪيچ \[…\]

## [ڪيس ختم ڪريو، ٽڪ ٽاڪ آمريڪا کي 40 ڪروڙ ڏيڻ لاءِ تيار](https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/post/81313)

_2026-08-22 · ويب ڊيسڪ · وائيس آف سنڌ_

واشنگٽن: ٽڪ ٽاڪ آمريڪا کي 400 ملين ڊالر ادا ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي ته جيئن ان خلاف هلندڙ اهو ڪيس ختم ٿي سگهي، جنهن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته سندس پليٽ فارم ٻارن جي رازداري جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي. اهو معاهدو ٻارن جي رازداري بابت تاريخ جي سڀ کان وڏين عدالتي \[…\]

## [بنگلاديش به پاڪستان، ترڪيه ۽ سعوديه جي دفاعي معاهدي ۾ شموليت جو اشارو ڏئي ڇڏيو](https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/post/81310)

_2026-08-22 · ويب ڊيسڪ · وائيس آف سنڌ_

اسلام آباد: بنگلاديش به پاڪستان، ترڪيه ۽ سعوديه جي گڏيل دفاعي معاهدي ۾ شموليت جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. بنگلاديشي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب بنگلاديشي وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار همايون ڪبير انٽرويو ڏيندي چيو ته بنگلاديش، سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيه جي اقتصادي يا دفاعي فريم ورڪ ۾ شموليت جي امڪان تي مثبت \[…\]

## [هڪ سال ۾بصر132 ۽ ٽماٽن جي قيمت ۾ 93 سيڪڙو واڌ](https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/post/81307)

_2026-08-22 · ويب ڊيسڪ · وائيس آف سنڌ_

اسلام آباد: شماريات ج اداري پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، هڪ سال دوران بصر 132.52 سيڪڙو مهانگا ٿيا، جڏهن ته ٽماٽن جي قيمت ۾ 93.21 سيڪڙو واڌ ٿي. انگن اکرن موجب، هڪ سال دوران اٽي جي قيمت ۾ 62.25 سيڪڙو، ايل پي جي ۾ 51.69 سيڪڙو، ڊيزل ۾ 33.08 سيڪڙو ۽ پيٽرول جي قيمت \[…\]

## [پنجاب حڪومت جي درخواست تي راولپنڊي ۾ 6 مهينن لاءِ فوج مقرر](https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/post/81304)

_2026-08-22 · ويب ڊيسڪ · وائيس آف سنڌ_

اسلام آباد:وفاقي حڪومت راولپنڊي ۾ ”حساس سيڪيورٽي ڊيوٽين“ لاءِ پاڪ فوج جون ٽي ڪمپنيون ڇهن مهينن لاءِ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اها ڳالهه ڇنڇر ڏينهن سامهون آئي. گهرو وزارت جو اهو حڪم، 21 آگسٽ جي تاريخ تي جاري ڪيو ويو آهي. Screenshot حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ”پنجاب گهرو کاتي پاران \[…\]

## [ڪينيڊا ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري ڳالهيون ناڪام، تجارتي جنگ تيز](https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/post/81301)

_2026-08-22 · ويب ڊيسڪ · وائيس آف سنڌ_

واشنگٽن:ڪينيڊا ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري ڳالهيون آخري لمحن ۾ ناڪام ٿي ويون، جنهن سان اتر آمريڪا ۾ واپاري جنگ ٻيهر ڀڙڪي اٿي آهي. اوٽاوا واشنگٽن پاران لاڳو ڪيل ٽيرف يعني محصولن جي برابر جواب ڏيڻ جو عزم ڪيو آهي. سي اين اين جي رپورٽ موجب ٻنهي ڌرين طرفان اميد ڀريا بيان جاري ڪيا ويا \[…\]

## [بلوچستان جي تقدير صرف اتان جي عوام جي هٿن ۾ آهي:عاصم منير](https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/post/81298)

_2026-08-21 · ويب ڊيسڪ · وائيس آف سنڌ_

راولپنڊي : آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته بلوچستان ۽ پاڪستان جو حال ۽ مستقبل هڪ آهي ۽ هميشه هڪ رهندو، بلوچستان جي تقدير صرف اتان جي عوام جي هٿن ۾ آهي.آرمي چيف سيد عاصم منير سان بلوچستان جي اهم شخصيتن ۽ سياسي قيادت ملاقات ڪئي، ان موقعي تي هن چيو ته \[…\]

## [مصباح ارشد مس يونيورس پاڪستان چونڊجي وئي، نومبر جي عالمي مقابلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي](https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/post/81295)

_2026-08-20 · ويب ڊيسڪ · وائيس آف سنڌ_

لاهور: مصباح ارشد مس يونيورس پاڪستان 2026 جي لاءِ چونڊجي وئي آهي. مصباح 24 نومبر تي پورٽوريڪو جي شهر سان خوان ۾ ٿيل مس يونيورس 2026 جي عالمي مقابلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي. مس يونيورس پاڪستان 2026 جي تاجپوشي جي تقريب فلپائن جي شهر منيلا جي روزال پارڪ هوٽل ۾ منعقد ٿي. مصباح ارشد \[…\]

## [Build with the cheapest GPUs (Sponsored)](https://crawlproof.com/a/iHiVCz9uMdhZ)

_2026-08-20 · **Sponsored**_

Deployed a live API in minutes; one user spent under $10.

## [آمريڪا جو قرض 40 ٽريلين ڊالر کان وڌي ويو، مالي بحران جو خدشو](https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/post/81292)

_2026-08-20 · ويب ڊيسڪ · وائيس آف سنڌ_

واشنگٽن: آمريڪا جو مجموعي سرڪاري قرض پهريون ڀيرو 40 ٽريلين ڊالر کان وڌي ويو آهي. آمريڪي خزاني واري کاتي اربع ڏينهن اها ڳالهه ٻڌائيندي خبردار ڪيو ته ملڪ ۾ مالي بحران جا خدشا وڌي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته سماجي تحفظ جي پروگرامن ۽ قرض تي وياج جي وڌندڙ خرچن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو \[…\]

## [کوٽائي کان اڳ زمين اندر معدنيات جو پتو لڳائيندڙ ٽيڪنالاجي](https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/post/81288)

_2026-08-20 · ويب ڊيسڪ · وائيس آف سنڌ_

ڪراچي: غير جانبدار ايٽم تي ٻڌل ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ڪمپني انفليشن 2027ع ۾ ڪولوراڊو ۾ هڪ ڪوانٽم سينسنگ سسٽم جي آزمائش ڪرڻ جو منصوبو رکي ٿي، جيڪو کوٽائي لاءِ وڏو خرچ ڪرڻ کان اڳ زمين اندر اهم معدنيات جي ذخيرن جي جڳهه معلوم ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. ڪمپني جو چوڻ آهي ته ان جي \[…\]

## [پاڪستان پاران آمريڪا کان 10 ارب ڊالر گھُرڻ جي تصديق](https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/post/81286)

_2026-08-20 · ويب ڊيسڪ · وائيس آف سنڌ_

اسلام آباد : ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب آمريڪا کان 10 ارب ڊالرن جي مالياتي سهولت گھُرڻ جي تصديق ڪندي سپٽمبر تائين ان درخواست تي اڳڀرائيءَ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان گفتگو ڪندي ناڻي واري وزير ٻڌايو ته آمريڪا کان ”ايڪسچينج اسٽيبلائيزيشن فيسليٽي“ تحت اها مالياتي سهولت گھُري وئي آهي ۽ \[…\]

## [عمران خان جي نجي اسپتال منتقلي: خواجه آصف جو سخت موقف سامهون اچي ويو](https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/post/81283)

_2026-08-20 · ويب ڊيسڪ · وائيس آف سنڌ_

اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجه آصف عمران خان کي علاج جي لاءِ نجي اسپتال منتقل ڪرڻ جي عدالتي قدم تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي خواجه آصف چيو ته اهڙي طرح جي عمل سان ٻين قيدين جي لاءِ به نجي اسپتالن ۾ علاج جا دروازا کلي ويندا، \[…\]

## [مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي گيس بائوزر ۽ ڪار ۾ ٽڪر، ڪار ۾ سوار 6 ڄڻا سڙي فوت](https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/post/81280)

_2026-08-20 · ويب ڊيسڪ · وائيس آف سنڌ_

مڪران: مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي سرپٽ واري هنڌ تي گيس بائوزر ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 6 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا. حادثو زون ون ۽ ماره جي علائقي بي ٽو سرپٽ ۾ پيش آيو، فوت ٿي ويل ماڻهن ۾ 2 مرد، 2 عورتون ۽ 2 ٻار شامل آهن. \[…\]

## [حڪومت ۽ پيپلز پارٽي اپوزيشن اتحاد سان ڌار ڌار رابطا شروع ڪري ڇڏيا](https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/post/81275)

_2026-08-20 · ويب ڊيسڪ · وائيس آف سنڌ_

اسلام آباد: حڪومت ۽ پيپلز پارٽي اپوزيشن پارٽين سان ڌار ڌار رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. حڪومت ۽ پيپلز پارٽي اپوزيشن اتحاد ۾ شامل پارٽين سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي پنهنجي چيمبر ۾ گهرائي ورتو آهي. اسپيڪر سان ملاقات کان اڳ پي ٽي \[…\]

## [انگلينڊ ۽ پاڪستان جي پهرين ٽيسٽ ۾ انوکو واقعو: بال کي وچ مان ڪٽي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو](https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/post/81272)

_2026-08-20 · ويب ڊيسڪ · وائيس آف سنڌ_

لنڊن: انگلينڊ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جاري ليڊز ٽيسٽ ۾ انوکو واقعو پيش آيو جتي بال کي وچ مان ڪٽي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. ليڊز ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ پاڪستان کي 171 رنسن تي آئوٽ ڪرڻ کان پوءِ انگلينڊ جي ٽيم بال جا 2 ٽڪڙا ڪري ڇڏيا. ٽيسٽ ميچ جي اننگز کان \[…\]

## [فيلڊ مارشل عاصم منير جو عباس عراقچي سان ٽيليفونڪ رابطو، خطي جي بحران جو سفارتي حل ڪڍڻ تي ڳالهيون](https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/post/81269)

_2026-08-20 · ويب ڊيسڪ · وائيس آف سنڌ_

راولپنڊي: ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ خطي جي موجوده صورتحال ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ سياسي، سفارتي رستا ڳولڻ وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ايراني ميڊيا موجب گذريل ڏينهن ٿيندڙ انهن ڳالهين ۾ ٻنهي اڳواڻن هلندڙ سفارتي اڳڀرائي جو جائزو ورتو \[…\]

## [پنجگور ۾ سيڪيورٽي فورسز جو ڪامياب آپريشن، فتنته الهندستان جا 5 دهشتگرد مارجي ويا](https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/post/81266)

_2026-08-20 · ويب ڊيسڪ · وائيس آف سنڌ_

ڪوئٽه: بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ردالفتنه 3 جي تحت فتنته الهندستان خلاف ڪامياب ڪارروايون جاري آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب پنجگور جي علائقي ڪلي سوران ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو جنهن ۾ فتنته الهندستان جا 5 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگرد موٽر سائيڪلن \[…\]

