اسلام آباد:پاڪستان تحريڪ انصاف پارٽي جي باني چيئرمين عمران خان جي اسپتال منتقلي تي حڪومت خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي،پي ٽي آءِ پاران سلمان اڪرم راجا ۽ عزير ڀنڊاري پاران داخل ڪيل درخواست ۾ سپريم ڪورٽ جي 18 آگسٽ 2026 جي حڪم جي مبينا خلاف ورزي تي توهين عدالت جي ڪارروائي شروع […]
ليڊز : انگلينڊ جي اسٽار بيٽر جو روٽ ٽيسٽ ڪريڪٽ جي تاريخ ۾ بطور فيلڊر (وڪٽ ڪيپر کان علاوه) سڀ کان وڌيڪ ڪيچ وٺڻ جو آسٽريليا جي اسٽيو اسٽينڊ جو عالمي رڪارڊ توڙي ڇڏيو آهي. روٽ هيڊنگلي ۾ پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ دوران ايلس آرچر جي بال تي اذان اويس جو تيز رفتار ڪيچ […]
راولپنڊي : آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته بلوچستان ۽ پاڪستان جو حال ۽ مستقبل هڪ آهي ۽ هميشه هڪ رهندو، بلوچستان جي تقدير صرف اتان جي عوام جي هٿن ۾ آهي.آرمي چيف سيد عاصم منير سان بلوچستان جي اهم شخصيتن ۽ سياسي قيادت ملاقات ڪئي، ان موقعي تي هن چيو ته […]
لاهور: مصباح ارشد مس يونيورس پاڪستان 2026 جي لاءِ چونڊجي وئي آهي. مصباح 24 نومبر تي پورٽوريڪو جي شهر سان خوان ۾ ٿيل مس يونيورس 2026 جي عالمي مقابلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي. مس يونيورس پاڪستان 2026 جي تاجپوشي جي تقريب فلپائن جي شهر منيلا جي روزال پارڪ هوٽل ۾ منعقد ٿي. مصباح ارشد […]
اسلام آباد : ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب آمريڪا کان 10 ارب ڊالرن جي مالياتي سهولت گھُرڻ جي تصديق ڪندي سپٽمبر تائين ان درخواست تي اڳڀرائيءَ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان گفتگو ڪندي ناڻي واري وزير ٻڌايو ته آمريڪا کان ”ايڪسچينج اسٽيبلائيزيشن فيسليٽي“ تحت اها مالياتي سهولت گھُري وئي آهي ۽ […]
اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجه آصف عمران خان کي علاج جي لاءِ نجي اسپتال منتقل ڪرڻ جي عدالتي قدم تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي خواجه آصف چيو ته اهڙي طرح جي عمل سان ٻين قيدين جي لاءِ به نجي اسپتالن ۾ علاج جا دروازا کلي ويندا، […]